صحافي قتل، صدمي ۾  ڀائٽي به فوت، وڏي وزير  جو نوٽيس

صحافي قتل، صدمي ۾ ڀائٽي به فوت، وڏي وزير جو نوٽيس

ميرپور ماٿيلو (ن س )ميرپور ماٿيلو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ سينئر صحافي طفيل رند جو بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، صحافي طفيل رند کي نامعلوم جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪيو، پوليس لاش کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، واقعي کانپوءِ صحافين جو وڏو انگ اسپتال پهتو، پوليس موجب طفيل رند جو قتل پراڻي دشمني جو نتيجو آهي، صحافي طفيل رند هڪ خانگي ٽي وي چينل جو رپورٽر هو،صحافي طفيل رند ۽ سندس برادري جي وچ ۾ تڪرار آهي، هوڏانهن نجي ٽي وي موجب صحافي طفيل رند جي ڀائٽي چاچي جي موت جو صدمو برداشت نه ڪري سگهي اها به فوت ٿي وئي،علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو،هن دشمني جي نتيجي ۾ هاڻي تائين 3 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن،هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو گهوٽڪي ۾ صحافي طفيل رند جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته صحافين تي حملا پريس جي آزادي تي حملو آهن، آءِ جي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي ،قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، طفيل رند جي قتل جي غير جانبدار جاچ کي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير صحافي طفيل رند جي خاندان سان تعزيت ڪئي، ۽ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميرپور ماٿيلو جي صحافي طفيل رند جي قتل جي مذمت ڪندي صحافي طفيل رند جي قاتلاڻي حملي ۾ قتل تي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته صحافي طفيل رند تي قاتلانه حملو هڪ افسوسناڪ ۽ قابل مذمت واقعو آهي، سنڌ حڪومت مقتول صحافي طفيل رند جي خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آهي، اظهار جي آزادي تي حملو ڪندڙ اهڙا واقعا برداشت نه ٿا ڪري سگهجن، سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ آءِ جي رپورٽ طلب ڪئي آهي، واقعي جي ذميوارن کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو