لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت تازي ٻوڏ ۾فصلن جي نقصان جي تلافي لاءِ في ايڪڙ 20 هزار رپيا مالي امداد جي منظوري ڏني آهي. جڏهن ته صوبي جي آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري جي انتظاميه (PDMA) خبردار ڪيو آهي ته ڪيترن ضلعن ۾ برساتن جي اڳڪٿي سبب ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جو اڃا به امڪان آهي، ۽ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڀارت طرفان چناب، ستلج ۽ راوي دريائن ۾ ڏيڍ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ جي اميد آهي. ملتان ۾ ٿيل اجلاس دوران، جتي ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ ٻين فصلن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، پنجاب جي زراعت واري سيڪريٽري افتخار علي ساهو ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 2,000 ٽيمون ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو جائزو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته وڏي وزير مريم نواز اڳ ئي فصلن جي نقصان جي تلافي لاءِ في ايڪڙ 20 هزار رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي پوک جي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جامع رٿا تيار ڪئي وئي آهي، ۽ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ لاءِ کاتن پاران ورتل اپاءَ حوصلا افزا نتيجا ڏئي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته هن سال اڄ تائين ڦٽيءَ جون 26.5 لک ڳٺڙيون حاصل ٿيون آهن، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 18.46 لک ڳٺڙيون حاصل ٿيون هيون.
27 ضلعن ۾ سروي جاري
PDMA سربراهه ٻڌايو ته ٻوڏ جي نقصان جي سروي 27 ضلعن ۾ جاري آهي، جنهن ۾ 11 هزار ماڻهو حصو وٺي رهيا آهن۔ هن ٻڌايو ته گڏيل ٽيمون، جن ۾ پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين کاتن جا آفيسر شامل آهن، 2,213 ٽيمون ميدان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ريئل ٽائيم آن لائين ڊيش بورڊ ذريعي مانيٽرنگ ٿي رهي آهي، ۽ 27 ضلعن ۾ سروي جاري آهي، جيڪا 27 آڪٽوبر تائين 69 تعلقن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته “پنجاب بئنڪ” هر تعلقي ۾ ڪائونٽر قائم ڪندي ته جيئن متاثرن کي آسان سهولتون ملي سگهن. ٻوڏ متاثر هڪ ڪارڊ حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوري طور تي 50 هزار رپيا وصول ڪري سگهندا.










