اسرائيلي جارحيت ۽ پاڪ سعودي دفاعي معاهدي جي اهميت

اسرائيلي جارحيت ۽ پاڪ سعودي دفاعي معاهدي جي اهميت

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سينيٽر مشاهد حسين سيد پنهنجي ٿنڪ ٽينڪ پاڪستان-چائنا انسٽيٽيوٽ جي زيـرِ اهتمام پاڪستان-سعودي دفاعي معاهدي جي اهميت ۽ اثرن بابت تيار ڪيل پهرين جامع تحقيقي رپورٽ “پاڪستان ۽ سعودي عرب: مسلم دنيا جا تزويراتي دفاعي شرڪتداري” جاري ڪري ڇڏي آهي. 31 صفحن تي مشتمل هي رپورٽ، سينيٽر مشاهد حسين سيد جي لکيل ديباچي ۽ اهم نقطن سان گڏ 17 سيپٽمبر تي طئي ٿيندڙ پاڪستان-سعودي عرب دفاعي معاهدي جي اهميت، مضمرات ۽ جيوپوليٽيڪل پسمنظر جو احاطو ڪري ٿي۔ رپورٽ ۾ پاڪستان-سعودي لاڳاپن جي اهم سفارتي واقعن جي هڪ فيڪٽ شيٽ به شامل آهي، گڏوگڏ اهم فوجي معاهدن ۽ وچ اوڀر ۾ مسلم ملڪن کي دفاع مهيا ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي رڪارڊ کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. سينيٽر مشاهد حسين هن تاريخي دفاعي معاهدي جو سهرو ٻن اهم فيصلو ڪندڙ اڳواڻن ــ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان (MBS) ــ جي سر باندهيو آهي، جيڪي هڪ مسلمان اصلاح پسند اڳواڻ آهن ۽ پنهنجي ملڪ کي تيزي سان تبديلي جي راهه تي آڻي رهيا آهن، جيئن ڊينگ شياو پنگ چين لاءِ ڪيو هو۔ هن وڌيڪ چيو ته محمد بن سلمان وٽ اها صلاحيت آهي ته هو ڪنگ فيصل کان پوءِ سعودي عرب جا “سڀ کان اهم اڳواڻ” ثابت ٿين. اسلام آباد ۾هڪ پريس بريفنگ دوران رپورٽ جاري ڪندي سينيٽر مشاهد حسين وچ اوڀر جي بدلجندڙ جغرافيائي. سياسي منظرنامي جو حوالو ڏيندي چيو ته “گريٽر اسرائيل” جي وڌندڙ خطري ۽ آمريڪي دفاعي ضمانتن تي اعتماد جي کوٽ، سعودي عرب سان هن معاهدي لاءِ رستو هموار ڪيو آهي۔ اهو معاهدو تاريخي طور ان ڪري به اهم آهي جو پنجاهه ورهين بعد پاڪستان کي وري وچ اوڀر ۾ هڪ اهم ترين ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ پاڪستان، مسلم دنيا جي اهم ملڪ سعودي عرب لاءِ هڪ مضبوط دفاعي فراهم ڪندڙ طور سامهون آيو آهي.

Photo Sindhyar

هن ياد ڏياريو ته آڪٽوبر 1973 جي عرب-اسرائيل جنگ دوران، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هئا، تڏهن پاڪ فضائيه جا پائلٽ شام ۽ مصر جي نمائندگي ڪندي اسرائيل خلاف جنگي ڪارروائين ۾ حصو وٺي اسرائيلي جنگي جهاز به ڪيرايو هو۔ ان کان پوءِ سعودي شاه فيصل جي سرپرستي ۾ 1974 ۾ لاهور ۾ هڪ خاص اسلامي سربراهه ڪانفرنس ٿي، جتي ياسر عرفات جي قيادت ۾ پي ايل او (PLO) کي پهريون ڀيرو فلسطيني عوام جو واحد نمائندو تسليم ڪيو وي. پاڪستان-سعودي دفاعي معاهدي جي جغرافيائي-سياسي پسمنظر تي روشني وجهندي سينيٽر مشاهد حسين ان جي وقت کي اهم قرار ڏيڻ لاءِ ٽن وڏين سببن جو ذڪر ڪيو: پهريون سبب اسرائيل جي قطر خلاف جارحيت آهي ــ جيڪو آمريڪا جو اتحادي ۽ پرامن ملڪ آهي، جتي اسرائيل ۽ آمريڪا اڳ فلسطيني تحريڪ حماس جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندا رهيا آهن۔ هي ظاهر ڪري ٿو ته اسرائيل پنهنجي “گريٽر اسرائيل” واري منصوبي تحت علائقي تي فوجي بالادستي مسلط ڪرڻ چاهي ٿو۔ قطر ڇهون مسلم ملڪ آهي، جنهن تي اسرائيل جارحيت ڪئي ــ ان کان اڳ فلسطين، ايران، لبنان، شام ۽ يمن خلاف جارحيت ٿي چڪي آهي. ٻيو سبب قطر تي حملي جو اثر آهي، جيڪو وچ اوڀر جي سياست ۾ هڪ فيصلائتو موڙ هو، ڇاڪاڻ⁠تہ قطر ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو موجود آهي ۽ آمريڪا قطر جي حفاظت جو وعدو ڪيو هو، پر ان تي عمل نه ڪري سگهيو۔ اهو ظاهر ڪري ٿو ته هاڻي آمريڪا علائقي جي دوست مسلم ملڪن جو محافظ نه رهيو آهي۔ اڳ ئي 2019 ۾ سعودي عرب جي تيل تنصيبات تي حملي دوران به آمريڪا ڪا به مدد نه ڪئي هئي۔ انهيءَ پسمنظر ۾ هاڻي علائقي جا مسلم ملڪ نون دفاعي آپشنز ڳولي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي دفاعي رڪارڊ کي ڏسي پاڪستان هڪ قابلِ عمل متبادل طور سامهون آيو آهي. ٽيون سبب اهو آهي ته پاڪستان فوجي ميدان ۾ پنهنجي طاقت ثابت ڪئي، جڏهن مئي 2025 ۾ ڀارت جي جارحيت جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو ۽ هڪ وڏو ۽ وڌيڪ طاقتور دشمن کي سخت نقصان پهچايو۔ ان حقيقت جي تصديق صدر ٽرمپ پاڻ ڪئي، جنهن سان پاڪستان جي شهرت ۽ ساک ۾ اضافو ٿيو۔ هن وقت دوران ڀارت جي مدد لاءِ اسرائيلي ڊرون استعمال ٿيا، پر پاڪستان انهن مان 80 کان وڌيڪ جديد “هروپ” ڊرون تباهه ڪيا، جنهن سان ثابت ٿيو ته پاڪستان وٽ دفاعي ۽ جارحاڻي ٻئي صلاحيتون موجود آهن. سينيٽر مشاهد حسين اهو به چيو ته مصر کان ايران تائين ڪيترن ئي مسلم ملڪن پاڪستان-سعودي معاهدي جو ڀليڪار ڪيو آهي۔ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان به هن کي علائقائي گڏيل دفاعي نظام ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان-سعودي اسٽرٽيجڪ ڊفينس ايگريمينٽ هڪ خوش آئند ۽ بروقت قدم آهي، جيڪو ابھرتي ڀارت-اسرائيل اتحاد کي مؤثر نموني روڪيندو ۽ گڏوگڏ بائيڊن ۽ مودي جي ان منصوبي کي به دفن ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو سيپٽمبر 2023 ۾ جي-20 ڪانفرنس ۾ “آءِ ايم اي سي (انڊيا-اسرائيل-مڊل ايسٽ اڪنامڪ ڪوريڊور)” جي صورت ۾ شروع ڪيو ويو هو۔ هن چيو ته هاڻي “آءِ ايم اي سي” غزہ جي نسل ڪشي ۽ عرب جي ريت هيٺ دفن ٿي چڪو آهي. آخر ۾ سينيٽر مشاهد حسين چيو ته پاڪستان هاڻي هڪ وڏي مسلم فوجي “مڊل پاور” طور اهم سفارتي ۽ حفاظتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ پاڪستان-سعودي عرب دفاعي ڀائيواري علائقائي دفاع لاءِ هڪ نئون ماڊل مهيا ڪري ٿي، جيڪو پاڪستان جي فوجي طاقت ۽ سعودي عرب جي معاشي قوت جو بهترين ميل آهي۔ پاڪستان پنهنجي پيشاور، جنگي تجربو رکندڙ ۽ چڱيءَ طرح تربيت يافته فوجن سان ڏيکاريو آهي ته هو هر قسم جي فوجي چيلينجن کي بهادري، قابليت ۽ عزم سان منهن ڏئي سگهي ٿو. واضح رهي ته هي ٽين وڏي تحقيقي رپورٽ آهي، جيڪا سينيٽر مشاهد حسين تازن مهينن ۾ پنهنجي ٿنڪ ٽينڪ ذريعي جاري ڪئي آهي۔ ان کان اڳ جون رپورٽون مئي ۾ ٿيندڙ پاڪستان-ڀارت فوجي ٽڪراءُ ۽ روانڊا-ڪانگو امن معاهدي تي ٻڌل هيون۔ هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان اهم چيلينج هاڻي “نظرين جي جنگ” جو آهي، جنهن کي پاڪستان ۽ ساٿي ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب کي منهن ڏيڻو پوندو۔ تنهن ڪري مسلم ٿنڪ ٽينڪس کي ان چيلينج لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ حقيقتن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽون تيار ڪرڻ گهرجن ته جيئن من گھڙت ڄاڻ ۽ ڪوڙي خبرن جو مؤثر مقابلو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو