ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي نور زمان ڪينيڊا ۾ نيش ڪپ اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتو.ايونٽ جي فائنل ۾ نور زمان ٻئي نمبر تي مصر جي مصطفيٰ السرطي کي شڪست ڏني. نور زمان ۽ مصطفيٰ السرطي جي وچ ۾ دلچسپ مقابلو 52 منٽن تائين هليو.پهرين راند ۾ ڪيترن ئي گيم پوائنٽس کان پوءِ، نور زمان 19-17 تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته نور زمان ٻئي ۽ ٽئين راند 11-7 ۽ 11-9 تان کٽي ٽن صفر جي فتح حاصل ڪئي.ڪينيڊا ۾ منعقد ٿيندڙ پي ايس اي ورلڊ ڪوپر ايونٽ نيش ڪپ جي ڪل انعامي رقم 31,250 ڊالر هئي.










