ملا نذيرگروپ خلاف ڪاروائي، 17 خارجي مارجي ويا

ملا نذيرگروپ خلاف ڪاروائي، 17 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواه جي ضلعن لڪي مروت ۽ ڪرڪ جي سرحدي علائقي درشه خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 17 خارجي مارجي ويا، آءِ  ايس پي آر موجب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن علائقي ۾ ملا نذير جي گروپ جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان آرمي، اسپيشل سروسز گروپ ۽ سي ٽي ڊي حصو ورتو، ڪيترن ئي ڏينهن جي انٽيليجنس رپورٽن کان پوءِ دريشه خيل ۾ خارجين جي گڏجاڻي جو اطلاع مليو، جنهن کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ تمام ڏکي علائقي ۾ خوارج جي لڪيل جاءِ کي نشانو بڻايو. ترجمان جو چوڻ آهي ته درشه خصل ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران آپريشن گذريل ٻن ڏينهن کان جاري آهي، جنهن ۾ 17 خوارج مارجي ويا آهن ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.بعد ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن کان واپسي تي علائقي جي رهواسين پاران سيڪيورٽي اهلڪارن جو استقبال ڪيو ويو، ۽ مقامي ماڻهن آپريشن کان پوءِ واپس ايندڙ اهلڪارن سان گڏ جشن پڻ ملهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو