لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي دوران فوت ٿي ويل اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي فرقان احمد خان کي اعليٰ سول ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. فلڊ ريليف لاءِ فرض ادا ڪندي فوت ٿي ويل فرقان احمد جي وارثن کي هڪ ڪروڙ روپيه گرانٽ به ڏني ويندي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف اي سي فرقان احمد لاءِ اعليٰ سول ايوارڊ ۽ هڪ ڪروڙ روپيه ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي فرقان احمد خان ڪينسر جو مريض هجڻ جي باوجود 4 ڏينهن کان مسلسل فلڊ رليف ڊيوٽي ڪري رهيو هو، مرحوم فرقان احمد خان پتوڪي ۾ ٻوڏ سٽيل علائقي ۾ متاثرين کي ريسڪيو، رليف آپريشن ۾ مصروف رهيو. انهن پتوڪي ۾ ٻوڏ متاثرين کي خوراڪ، ميڊيسن ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جو مسلسل ڪم ڪيو. وزيراعليٰ مريم نوازشريف مرحوم فرقان احمد جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.مريم نواز چيو ته مشڪل ترين حالتن ۾ عوام جي مدد ڪندي پنهنجي حياتي جو نذرانو پيش ڪندڙ حقيقي هيرو آهن، فرقان احمد جي فرض شناسي ياد رکي ويندي. ياد رهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي فرقان احمد خان گذريل ڏينهن رليف آپريشن جي دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو هو.










