اسپيڪٽرم جي کوٽ جو شڪار، 5G  جي نيلامي لازمي قرار

اسپيڪٽرم جي کوٽ جو شڪار، 5G جي نيلامي لازمي قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ کي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ اسپيڪٽرم جي کوٽ جو شڪار قرار ڏنو آهي ۽ موبائل فون سروس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي جو مطالبو ڪيو آهي. پي ٽي اي دستاويزن موجب، پاڪستان ۾ موجود اسپيڪٽرم صرف 274 ميگا هرٽز آهي، جيڪو سعودي عرب، ٿائيلينڊ، بنگلاديش ۽ خطي جي ٻين ملڪن کان گهٽ آهي.رپورٽ موجب، پاڪستان هن وقت خطي جي 16 ملڪن ۾ اسپيڪٽرم جي فهرست ۾ سڀ کان هيٺ آهي، پر 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي کان پوءِ، اهو ڇهين نمبر تي پهچي سگهي ٿو.اسپيڪٽرم جي دستيابي سان معيشت تي مثبت اثر پوڻ جي اميد پڻ آهي، جنهن ۾ جي ڊي پي ۾ 1.5 کان 2.4 سيڪڙو واڌ، روزگار جي موقعن ۾ 3.1 کان 13 سيڪڙو واڌ، موبائل براڊ بينڊ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ذريعي معيشت ۾ بهتري، پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري ۾ 2 سيڪڙو واڌ ۽ برآمدات ۾ 1.9 سيڪڙو واڌ شامل آهن.پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي ملڪ ۾ موبائل ڊيٽا جي رفتار ۽ سروس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ضروري قدم آهي، جيڪو صارفين ۽ ملڪ جي معيشت ٻنهي لاءِ فائديمند هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو