مصر ۾ مسافر ٽرين کي حادثو، 3 ڄڻا فوت، 94 زخمي

مصر ۾ مسافر ٽرين کي حادثو، 3 ڄڻا فوت، 94 زخمي

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ هڪ مسافر ٽرين حادثي ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، اهو واقعو مغربي مصر ۾ پيش آيو، جتي مسافرن سان ڀريل هڪ ٽرين ماتروه صوبي کان قاهره وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين جون 7 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جن مان 2 اونڌيون ٿي ويون.انتظاميا موجب، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ايمبولينس ۽ بچاءُ ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري رکيون ويون.انتظاميا وڌيڪ چيو ته حادثي جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 94 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٽرين جي اونڌي ٿيڻ جو سبب ڳولڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو