دوداپور(ن س) دوداپور ويجھو تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان اوڍو لاڙي وٽ نامعلوم هٿياربندن جي چنگچي رڪشه تي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا تاجوديرو ٿاڻي جي حد ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن دائوجھانپور ايندڙ چنڱچي تي فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب نوجوان خالد ملغاڻي ۽ رياض ملغاڻي قتل ٿي ويا جڏهن ته نھال ملغاڻي، چنڱچي ڊرائيور احسان ڀنڊ سخت زخمي ٿي پيااطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پُهچي وئي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس موجب ته خروس برادري جي هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ۽ ٽن ڄڻن زخمي ڪيو آھي ٻڌايو پيو وڃي ته پيءُ پٽ مارجي ويا آھن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










