افغانستان ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

افغانستان ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته راشد خان ٽيم جي اڳواڻي ڪندو، ان کان علاوه ٽيم ۾ رحمان الله گرباز، ابراهيم زدران، درويش رسولي، صديق الله اتل، عظمت الله عمر زئي، ڪريم جنت ۽ محمد نبي شامل آهن.گلبدين نائب، شرف الدين اشرف، محمد اسحاق، مجيب الرحمان ۽ اي ايم غضنفر، نور احمد، فريد احمد ملڪ، نوين الحق ۽ فضل الحق فاروقي پڻ ٽيم جو حصو هوندا.ياد رهي ته افغانستان ٽيم ايشيا ڪپ کان اڳ ٽي ملڪي سيريز ۾ حصو وٺندي.

پهنجو تبصرو موڪليو