ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اورنگي ٽائون جي سيڪٽر 13 ۾ فائرنگ ۾ هڪ واپاري مارجي ويو.ريسڪيو موجب، اورنگي ٽائون ۾ فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مقتول ڪپڙي جو واپاري هو، بنارس مارڪيٽ ۾ سندس دڪان هئي، مقتول کي 4 گوليون هنيون ويون. معاملي جي جاچ جاري آهي.پوليس اختيارين موجب، مقتول صبح جو ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ گهر واپس اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن مٿس فائرنگ ڪئي. مقتول جي موٽرسائيڪل، پرس ۽ موبائل فون سڀ ڪجهه اتي موجود آهي.










