اهڙا نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين جنهن تي سڀ خوش ٿين

اهڙا نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين جنهن تي سڀ خوش ٿين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثنا چيو آهي ته هوءَ ورلڊ ڪپ ۾ اهڙا نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ته سڀ خوش ٿين.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئرلينڊ جي دوري لاءِ سٺيون تياريون جاري آهن، هوءَ ڪپتاني مان لطف اندوز ٿي رهي آهي ۽ سکيا جي عمل مان گذري رهي آهي.فاطمه ثنا چيو ته هن کي آءِ سي سي ايوارڊ بابت خبر نه هئي ۽ نه ئي ڪڏهن ان بابت سوچيو هو. جڏهن آءِ سي سي ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو ۽ تقريب ۾ ايوارڊ ڏنو ويو ته ان جي اهميت جو احساس ٿيو.هن چيو ته ڪرڪيٽ هڪ انفرادي راند ناهي، اها هڪ ٽيم گيم آهي، سڀئي رانديگر هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا.اهو واضح رهي ته پاڪستان وومين ٽيم آئرلينڊ خلاف 3 ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏندي، قومي ٽيم 3 آگسٽ تي آئرلينڊ لاءِ روانو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو