عابد علي جو ڪرڪٽ جي دنيا جو نئون عالمي رڪارڊ

اسلام آباد (اياز مهر) اوپننگ بيٽسمين عابد علي پهرين ٽيسٽ ۽ پهرين ون ڊي ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ وارو دنيا جو پهريون ڪرڪٽر بڻجي ويو آهي.ڪرڪٽ جي تاريخ ۾ اڄ تائين اهو اعزاز ڪنهن به رانديگر حاصل ناهي ڪيو.  هن هلندڙ سال مارچ ۾ آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ۾ سينچري ٺاهي جڏهن ته ٽيسٽ سينچري راولپنڊي ۾ سريلنڪا خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اسڪور ڪئي.

عابد علي پهرين ون ڊي ۽ پهرين ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين، فوٽو ٽوئٽر

سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ بارش سبب ڊرا ٿي وئي. سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 308 رنز تي 6 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي.

پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ڍاحن تي عابد علي کي ڪپتان بابر اعظم مبارڪ ڏيندي، فوٽو ٽوئٽر

جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 252 رنز 2 رانديگر آئوٽ ٿيا. اوپنر عابد علي 109 تي ۽ بابر اعظم 102 تي ناٽ آئوٽ رهيا. عابد علي 95 رنز تي جڏهن بيٽنگ پيو ڪري ته وشوا فرنينڊو کي چوڪو هڻي ٻئي بال تي ڊبل رنز وٺندي ئي سينچري جي خوشي ملهائيندي هٿ فضا ۾ بلند ڪيا ۽ سجدي ۾ ڪري پيو.

ڊرا ٿيل ٽيسٽ ميچ جو مين آف دي ميچ عابد علي. فوٽو ٽوئٽر

جنوري 1971 ۾ شروع ٿيل ون ڊي گيمز ۾ پهرين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو 15 هون ڪرڪٽر آهي. هن دبئي ۾ آسٽريليا خلاف 112 رنز اسڪور ڪيون هيون. جڏهن ته پهرين ٽيسٽ ۾ سينچري هڻندڙ 11 هون پاڪستاني رانديگر آهي. دنيا جو هي واحد بيٽسمين آهي جنهن پهرين ٽيسٽ ۽ پهرين ون ڊي ۾ سينچري ٺاهي آهي. ٽيسٽ ڪرڪٽ 1876 ۾ شروع ٿي هئي. راولپنڊي ٽيسٽ جي ابتدائي 4 ڏينهن دوران بارش ۽ گهٽ روشني سبب 91.5 اوورز جي راند ٿي هئي. ٻنهي ٽيمن ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ ڪراچي ۾ 19 ڊسمبر تي شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو