عدالت پاران 27 يوٽيوب چينلن کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

عدالت پاران 27 يوٽيوب چينلن کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالت 27 مشهور يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي کان پوءِ عدالت يوٽيوب جي انچارج آفيسر کي 27 مشهور يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي هڪ مقامي عدالت ايف آءِ اي جي درخواست تي 27 مشهور يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه يوٽيوب چينل بلاڪ ڪرڻ بابت ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت 27 يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جن ۾ صحافي مطيع الله جان، اسد طور، اوريا مقبول جان ۽ صديق جان شامل آهن. ٻن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم جاري ڪندي چيو ته ايف آءِ اي 2 جون تي رياست مخالف مواد بابت جاچ شروع ڪئي، عدالت ايف آءِ اي پاران پيش ڪيل ثبوتن کان مطمئن آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته يوٽيوب جي انچارج آفيسر کي 27 يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي 2 جون تي رياست مخالف مواد بابت جاچ شروع ڪئي، ايف آءِ اي جي ثبوتن کان مطمئن آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.عدالت، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جي درخواست تي، يوٽيوب ڪمپني کي مطيع الله جان، اسد طور، حيدر مهدي، اوريا مقبول، آرزو ڪاظمي، صديق جان، عمران رياض خان، آفتاب اقبال، احمد نوراني سميت 27 يوٽيوب چينل بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. يوٽيوب مٿي ذڪر ڪيل سڀني چينلن کي نوٽيس موڪليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو