وفاقي حڪومت جي قرض ۾ 7,131 ارب رپيا واڌ

وفاقي حڪومت جي قرض ۾ 7,131 ارب رپيا واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت جو قرض ملڪي تاريخ ۾ نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مئي 2025 تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جو ڊيٽا جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسٽيٽ بينڪ جي دستاويز موجب، گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران، جولاءِ 2024 کان مئي 2025 تائين، وفاقي حڪومت جي قرض ۾ 7,131 ارب رپيا واڌ ٿي، جڏهن ته اپريل 2025 جي مقابلي ۾، مئي 2025 جي مهيني ۾ مرڪزي حڪومت جي قرض ۾ 1,109 ارب رپيا واڌ ٿي.دستاويز موجب، جون 2024 کان مئي 2025 تائين، وفاقي حڪومت جي قرض ۾ 8,312 ارب رپيا اضافو ٿيو.مئي 2025 تائين، وفاقي حڪومت جو قرض 76,045 ارب رپيا هو، جنهن مان مقامي قرض 53,460 ارب رپيا ۽ ٻاهرين قرض 22,585 ارب رپيا هو.

پهنجو تبصرو موڪليو