پيرڳوٺ(ن س)گريڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سربراهه پيرپاڳاري سيد صبغت الله شاهه راشدي پاڪستان جي فوج جي ڀارت خلاف جنگ ۾ ردعمل جي ساراهه ڪئي آهي. پير ڳوٺ ۾ عيد نماز ادا ڪرڻ بعد مريدن کي زيارت ڪرائيندي درگاهه شريف تي حر جماعت سان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي فوج کي مثالي ڪاميابين تي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان جي فوج ڀارت کي اهو سبق سيکاريو جيڪو ان جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هو. پنهنجي خطاب ۾ پيرپاڳاري چيو ته پاڪستاني فوج جو جواب ڀارت کي سڄي عمر ياد رهندو، ڀارت جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻي بند ڪيو ته جنگ ٿيندي، اها جنگ آخري جنگ هوندي، ان کان پوءِ ڀارت جنگ ڪرڻ جي قابل نه رهندو. پيرپاڳاري چيو ته ملڪ ۾ قومي سطح جو ڪو به ليڊر نه آهي جيڪو صوبن کي سنڀالي سگهي، پاڪستاني فوج ئي ملڪ کي اڄ تائين سنڀالي رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به فوج ئي ملڪ کي سنڀاليندي. هن وڌيڪ چيو ته حر جماعت جا ماڻهو پنهنجي ٻارن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏين، حر جماعت جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي پڙهائي رهيا آهن جنهن تي انهن کي خوشي ٿي رهي آهي.










