واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هندوستان ۽ پاڪستان فوري جنگ بندي لاءِ راضي ٿي ويا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو اهي ته هندستان ۽ پاڪستان آمريڪي ثالثي هيٺ فوري طور تي مڪمل جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن، آمريڪي صدر چيو ته هندوستان ۽ پاڪستان مڪمل ۽ فوري طور تي جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت دانشمندي ۽ سمجھ جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ان جي تصديق ڪندي ايڪس تي بيان جاري ڪيو آهي. ڀارت جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اڪبرالدين بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي سرڪار پاران اڃا اهڙو اطلاع ناهي مليو پر جيڪڏهن پاڪستان ڇڪتاڻ نٿو وڌائڻ چاهي ته ڀارت به معاملو اڳتي نه وڌائيندو. ڪجهه دير بعد ڀارت جي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري اعلان ڪيو ته ٻني ملڪن جي ڊي جي ايم اوز جو منجهند رابطو ٿيو هو جنهن ۾ اڄ 5 وڳي کان سيز فائر ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جا نمائنداڪنهن نيوٽرل ملڪ ۾ ڳالهيون ڪري سڀني مسئلن جي حل بابت طريقه ڪار واضح ڪندا. پاڪستان چاهيندو ته ڪشمير مسئلو به حل ٿئي جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ دشمني جو سبب آهي، بلوچستان ۾ ڀارتي مداخلت جو معاملو هجي يا سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪرڻ سڀ معاملا غور هيٺ ايندا. ٻئي پاسي پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي ۽ سول ايوي ايشن پاڪستان جو فضائي حدون سڀني لاءِ کولڻ جو اعلان ڪندي فلائيٽ آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.










