اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي وزير خارجا مارڪو روبيو جو فون آيو هو، آرمي چيف سان سندس ڳالهه ٻولهه بعد ڪيل فون تي هنکي چيو ته ڀارت وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ته اسين وري جواب ڏينداسين. جيڪڏهن ڀارت ڪو قدم نه کنيو ته اسين به وڌيڪ ڪاروائي نه ڪنداسين. اهڙو اطاهر هن جيو نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسانکي اڳ ۾ دنيا چوي پئي ته سيز فائر ڪيو، مون کين چيو هو ته اسان ته اڃا ڪجهه ڪيو ئي نه آهي. هن چيو ته ڀارت ڊي جي ايم اوز رابطو بحال ڪيو ته ان سان صورتحال بهتر ٿيندي.










