ڀرياروڊ (دانيال شيخ) گورنمنٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ڀرسان ڀرياروڊ جي ياسين ڪالوني واسي رازڪو ڪم ڪندڙ مستري 60 ساله اقبال پٽ محمد شفيع آرائين جو بيدردي سان ڪهاڙين ۽ تيز ڌار اوزا سان گلو ڪپيل لاش هٿ .واقعي واري هنڌ سوين شهري پهچي ويا . اطلاع تي ڀرياروڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڀرياسٽي اسپتال آندو. جڏھن ته قتل ٿيل پيرسن جي پٽ عرفان آرائين ٻڌايو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي اسان کي انصاف کپي . رات 10 بجي کان بابا جو موبائيل نمبر بند هيو . جڏھن ته ايس ايڇ او راڻا جمشيد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جلد قاتلن کي پڪڙي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خادم ميمڻ ٻڌايو ته مقتول کي مٿي ۾ تيز ڌار اوزار سان 6 کان وڌيڪ ڌڪ لڳل آھن ۽ تيز ڌار اوزار سان ڳلو به ڪپيو ويو آھي ۽ پيٽ ۽ سيني تي به ڇرن جا نشان موجود آھن۔ جڏهن ته پوليس پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو. مقتول جي واقعي جي خبر پوري شهر ۾ باهه جيان پکڙجي وئي . لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.










