ٽيڪس قانونن ۾ ترميم بابت صدارتي آرڊينسس جاري

ٽيڪس قانونن ۾ ترميم بابت صدارتي آرڊينسس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري جي منظوري سان ٽيڪس لا (قانون) ترميمي آرڊيننس 2025 جاري ڪيو ويو آهي. هن آرڊيننس هيٺ انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 ۾ ٽن ترميمن سميت فيڊرل ايڪسايز ايڪٽ 2005 ۾ به ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون آهن. ايف بي آر (وفاقي بورڊ آف ريونيو) کي ٽيڪس جي وصولي لاءِ وڌيڪ اختيار ڏنا ويا آهن. آرڊيننس مطابق، پهرين اپيل جي مڪمل ٿيڻ بعد ايف بي آر واجب الادا ٽيڪس جي فوري وصولي ڪري سگهندو. آرڊيننس هيٺ، ايف بي آر کي اختيار حاصل ٿي ويو آهي ته هو ٽيڪس جي وصولي لاءِ اڪائونٽس کي فوري طور منجمد ڪري سگهي. ساڳئي وقت ايف بي آر کي ڪاروباري هنڌن تي پنهنجا آفيسر مقرر ڪرڻ جو اختيار به ڏنو ويو آهي. آرڊيننس هيٺ ايف بي آر کي ڪنهن به فيڪٽري ۾ پيداوار ۽ اسٽاڪ جي نگراني جو به اختيار حاصل ٿي ويو آهي. نئين ترميمن موجب، ڪاروباري هنڌن تي ايف بي آر جا آفيسر مقرر ٿي سگهندا، ۽ واجب الادا ٽيڪس جي فوري وصولي عمل ۾ آڻي سگهبي. فيڊرل ايڪسايز ايڪٽ 2005 ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي سمورن آفيسرن جا اختيار به وڌايا ويا آهن. آرڊيننس تحت، سرڪاري آفيسرن کي ڪنهن به ڪاروباري هنڌ، جاءِ يا فيڪٽري تي غير قانوني سامان تي قبضي جو اختيار به حاصل ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو