ايپل، تصويرن کي اگهاڙو ڪرڻ واريون ايپس هٽائي ڇڏيون

ايپل، تصويرن کي اگهاڙو ڪرڻ واريون ايپس هٽائي ڇڏيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايپل پنهنجي ايپ اسٽور مان ڪجھه اهڙيون ايپس هٽائي ڇڏيون آهن جيڪي ٽڪ ٽاڪ تي ماڻهن جي رضا کان سواءِ انهن جون ڊيپ فيڪس، يعني جعلي ۽ اگهاڙيون تصويرون ٺاهڻ لاءِ اشتهار ڏئي رهيون هيون. ايپل اهو قدم بي بي سي پاران نشاندهي ٿيڻ کان پوءِ کنيو آهي. ’ڊيڪلوٿنگ‘ يا ’نيوڊي فاءِ‘ ايپس تصويرن مان ڪپڙا هٽائي، ڊجيٽل طور ڪنهن به تصوير کي مڪمل طور ۽ جزوي طور اگهاڙو ڪري انهن جون تصويرون ۽ وڊيوز به ٺاهي سگهن ٿيون. ايپس جي سرڪاري ايپ اسٽور صفحن ۽ ويب سائيٽن تي انهن کي ’سيلفيز کي دلچسپ بڻائڻ جا اوزار‘ طور بيان ڪيو ويو هو، پر ٽڪ ٽاڪ تي انهن ڪمپنين اشتهاري مهمون هلايون ته جيئن اهڙين ايپس کي وڌايو وڃي جيڪي عورتن جي اجازت کان سواءِ انهن جون شهوت انگيز تصويرون ٺاهي سگهن ٿيون. صارفين کي ’پنهنجي پسنديده شخصيت جون اهڙيون تصويرون حاصل ڪرڻ‘ لاءِ ايپس ڊائونلوڊ ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. هڪ ٻئي صارف دعويٰ ڪئي ته اهي ايپس ’ڪنهن جا به ڪپڙا لاهڻ جي سگهه رکن ٿيون.‘ ڪجھه ماڻهن چيو ته اهي ’ڪنهن کي به بڪني ۾ ڏيکاري سگهن ٿيون.‘ اسان انهن ايپس جا نالا نٿا وٺون ته جيئن انهن کي عام ٿيڻ کان بچائي سگهجي. برطانيا سميت ڪجهھ ملڪن جي قانونن تحت ڪنهن جي جنسي طور فحش تصوير ٺاهڻ غيرقانوني آهي. اسپين، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ ’نيوڊي فاءِ‘ ايپس هڪ وڌندڙ مسئلو بڻجي رهيون آهن ۽ هن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي اسڪول ويندڙ ڇوڪرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪجهھ معاملن ۾ متاثر ٿيندڙن کي انهن جعلي تصويرن جي بنياد تي بليڪ ميل به ڪيو وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو