نياڻي جي پيدائش تي زال ماريندڙ جوابدار کي عمر قيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت نياڻيءَ جي پيدائش تي ناراض ٿي زال کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار محبوب علي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي . عدالت پنهنجي حڪم ۾  چيو ته قتل ۾ استعمال ٿيل  هٿيار بابت پوليس جي بيان ۾ تضاد آهي جنهن تي شڪ جو فائدو ڏيندي جوابدار کي موت واري سزا بدران عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. استغاثه موجب جوابدار ڌيءَ جي پيدائش تي خوش نه هو جنهن تي هو گهر واري تي تشدد ڪندو رهندو هو. جوابدار 12 اپريل 2017ع تي پنهنجي گهر واري کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو