مُدي بخار جي ٽُڪن کان انڪاري اسڪول بند ڪيا ويندا؛ ڊي سي

مُدي بخار جي ٽُڪن کان انڪاري اسڪول بند ڪيا ويندا؛ ڊي سي

سکر (امداد علي ڪلوڙ) ضلعي انتظاميه سکر مُدي جي بخار کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻڻ واري مهم دوران ويڪسين کان انڪار ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. ڊي سي سکر غلام مرتضيٰ شيخ سکر جي گلشن هالار ۽ سٽي اسڪول ۾ ٻارڙن کي ٽائيفائيڊ کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻڻ واري ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت 9 مهينن کان 15 سالن تائين جي سمورن ٻارڙن کي مُدي جي بخار کان بچاءَ جا ٽُڪا هنيا پيا وڃن. اسڪولن پاران ٽُڪا هڻڻ کان انڪار حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر سمجهيو ويندو ۽ اهڙن اسڪولن کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو. هُن سمورن اسڪولن جي پرنسپالن ۽ انتتظاميه کي هدايت ڪئي ته ٻارڙن جي والدين کي ٽائيفائيڊ کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻڻ جي سلسلي ۾ اعتماد ۾ وٺن ۽ جيڪڏهن والدين کي ويڪسين بابت خدشو آهي ته اُهي پنهنجي فيملي ڊاڪٽرس سان مشورو ڪري سگهن ٿا ڪابه خطري جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته ٻارن جي صحت تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ضرورت پئي ته هو پاڻ هر اسڪول ۾ وڃي پنهنجي نگراني ۾ ٻارڙن کي ٽائيفائيڊ کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻائيندو. ان موقعي تي ڊي سي سکر والدين کان معلومات ورتي والدين طرفان سنڌ حڪومت جي ٽائيفائيڊ کان بچاءَ واري مهم جي ساراهه ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته کين ويڪسينيشن تي ڪوبه اعتراض ناهي ۽ هو پنهنجي ٻارڙن کي خوشيءَ سان ٽُڪا هڻائي رهيا آهن. اِن کان اڳ ڊي ايڇ او سکر منير احمد مڱريو ٻڌايو ته ٽائيفائيڊ کان بچاءَ واري ويڪسين مان ٻار جي صحت کي ڪو خطرو ناهي سنڌ حڪومت پاران ٽائيفائيڊ کان بچاءَ جي ويڪسين بلڪل مفت ۾ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مارڪيٽ ۾ اُن جي قيمت 2 هزار رُپيا آهي. هن چيو ته ٽائيفائيڊ کان بچاءَ واري مهم ڪاميابيءَ سان هلي رهي آهي جيڪا 30 نومبر تائين جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو