ڪنڌڪوٽ (ن س )ڪنڌڪوٽ جي علائقي جمالي مان اغوا ٿيل اينٽي ڪرپشن پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرايو ويو.ان حوالي سان ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته پوليس يرغمالي جي منتقلي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.هن چيو ته پوليس جي جوابي فائرنگ سبب جوابدار يرغمال بڻائي فرار ٿي ويا. ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته نوجوان کي 3 ڏينهن اڳ تنگواڻي لنڪ روڊ تان اغوا ڪيو ويو هو.










