لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز عالمي ڏينهن تي روڊ حادثن ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ خصوصي پيغام جاري ڪيو آهي.مريم نواز پنهنجي پيغام ۾ چيو ته روڊ حادثن سبب جدا ٿي ويل سمورن ماڻهن لاءِ مغفرت جي دعا آهي.هن چيو ته هو پنجاب ۾ روڊن جي حفاظت کي بهتر بڻائي رهيا آهن.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته حادثن کي روڪڻ لاءِ 600 کان وڌيڪ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم هلي رهيو آهي، پهريون ڀيرو موٽر ويز تي ريسڪيو لاءِ ايمبولينس سروس شروع ڪري رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته روڊ سيفٽي لاءِ اسان سڀني کي ذميواريون کڻڻيون پونديون.










