شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. قومي شاهراهه تي پيش آيل حادثي کانپوءِ پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس ٻڌايو ته فوتين جي سڃاڻپ اختيار، جاويد ۽ حاڪم علي جي نالن سان ٿي آهي.










