ڪنڊيارو(ن س)ڪنڊياري جي ڳوٺ ڇتل شاهه ۾ مڱريا برادري جي ٻن ڌرين جو جهيڙو ٿي پيو،جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،هڪ عورت گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي وئي،کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو،ذريعن موجب پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي،علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇانيل آهي










