اسپيڪر پاران اسيمبلي جي جوڙجڪ ڪرڻ جو فيصلو

اسپيڪر پاران اسيمبلي جي جوڙجڪ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ٻيهر جوڙجل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اها منظوري اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ فنانس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏني وئي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اعلان موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي بحالي سان ساليانو هڪ ارب رپيا بچت ٿيندي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته تنظيم سازي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ضرورت موجب فعال ۽ متحرڪ بڻائڻ جو حصو آهي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ 90 غير ضروري پوسٽون ختم ڪيون وينديون ۽ ٻئي مرحلي ۾ 130 غير ضروري پوسٽون ختم ڪيون وينديون، ساليانو 56 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي.پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو ته ٽئين مرحلي ۾ انتظامي سڌارن ذريعي وڌيڪ 40 ڪروڙ رپيا بچيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو