مسقط(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني باڪسر شعيب خان زهري انٽرنيشنل باڪسنگ فائٽ کٽي ورتي. مسقط ۾ انٽرنيشنل باڪسنگ فائٽ منعقد ٿي جنهن ۾ شعيب خان افغان باڪسر کي شڪست ڏئي انٽرنيشنل باڪسنگ ٽائيٽل کٽي ورتو. ان کان علاوه شعيب خان زهري جي فائٽ هلندڙ سال جي آخري مهيني ڊسمبر ۾ ڀارتي باڪسر سان ٿيندي. پاڪستان ۽ ايشيا چيمپئن رهندڙ زهري جو تعلق بلوچستان سان آهي. کيس افغاني باڪسر چيلينج ڪيو هو.










