ڳوٺ ماهي خان شر تي پوليس جي چڙهائي،7 شڪي گرفتار

ڳوٺ ماهي خان شر تي پوليس جي چڙهائي،7 شڪي گرفتار

ڊکڻ )ن س )ڊکڻ ويجهو مختلف ٿاڻن جي پوليس حيدرآباد جي واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪري ست شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ ماهي خان شر تي چڙهائي ڪئي. پوليس گهر گهر جهڙتي ورتي ۽ ست شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪيترائي ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا. ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ ناهن آيا، ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ۽ چوپايو مال ڍڪ حوالي ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو