لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ فضائي آلودگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ انتظاميا ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن.انتظاميا گرين لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ موٽرسائيڪل جي بيهڻ ۽ چنگ چي رڪشا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ايس پي ٽريفڪ سٽي منير هاشمي موجب شملا هيل جي آس پاس واري علائقي کي گرين لاڪ ڊائون ايريا قرار ڏنو ويو آهي، شاهين ڪمپليڪس ٻاهران موٽرسائيڪل اسٽينڊ ۽ ايگرٽن روڊ تي نادرا آفيس کي هٽايو ويو آهي.منير هاشمي چيو ته ايمپريس روڊ، ايگرٽن روڊ، ڊيورنڊ روڊ ۽ ڊيوس روڊ کان شملا هيل طرف چنگ چي رڪشا جي داخلا به روڪي وئي آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرين علائقن ۾ سموگ پيدا ڪندڙ گاڏين خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي، شهر ۾ سموگ پيدا ڪندڙ گاڏين خلاف به بنا فرق ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.










