شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) سنڌ بلوچستان جي آبادگارن پاران ڪٽوتي خلاف اعلانيل مارچ کي روڪڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ڊي ايس پي ساڻ ڪري اناج منڊي ۾ پهچي واپارين کي ڪٽوتي نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪٽوتي جي صورت ۾ سخت قانوني قدم کنيا ويندا. انتظاميه جي اهڙي مداخلت بعد واپاري چڙي پيا جن اناج منڊي ۾ هلندڙ واڪ بند ڪري ڇڏي اهڙي صورتحال واپارين ۽ انتظاميه وچ ۾ سرد جنگ پيدا ڪري ڇڏي آهي. اناج منڊي اندر انتظامي مداخلت بعد رائيس ملز واپارين ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي منظور چانڊيو، غلام حيدر شيخ ، سراج کوسو ، آفتاب سومرو، سُميت ڪمار ۽ ٻين چيو ته انتظاميه ڪجهه شرپسند ماڻهن هٿان يرغمال بڻجي وئي آهي جن جي چوڻ تي اي سي ۽ ڊي ايس پي بنا ڪنهن نوٽيس جي اوپن منڊي ۾ هلندڙ ڪاروبار دوران مداخلت ڪري واپارين کي حراسان ڪيو آھي جڏھن ته هن عمل کان اڳ به انتظاميه پاران واپارين کي پريشرائيز ڪرڻ لاءِ انتظاميه مختلف قسم جا نوٽيس ڏنا ويا آهن اهڙي صورتحال ۾ ڪاروبار مشڪل بڻجي ويو آهي تنهن ڪري جيستائين ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ سميت معزز شهري ان مسئلي بابت واپارين کي انصاف نه ڏياريندا تيستائين احتجاجن طور اناج منڊي ، رائيس ملون، تورائي وارا ڪانٽا اڻڃاتل مدي تائين بند رکيا ويندا. هوڏانهن واپارين پاران هلندڙ منڊي کي اوچتو بند ڪري واڪ ذريعي خريد ڪيل ساريون نه کڻڻ واري عمل تي آبادگار اڳواڻن عبدالخالق کوسو، ڪلجوخان مغيري، خالد عمر کوسو، وهاب پندراڻي، حبيب الله جروار ، قادر بخش سيلرو ، مرتضي لاشاري ، ذوالفقار جمالي ، جنيد جروار سميت ٻين ليبر هال ۾ هنگامي گڏجاڻي ڪري واپارين جي بنا اطلاع جي اوچتو منڊي بند ڪرڻ کي کليل بدمعاشي قرار ڏيندي سڀاڻي سنڌ بلوچستان جي آبادگارن پاران رٿيل لانگ مارچ ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس آڏو هر صورت ۾ ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪندي انتظاميه کان گهر ڪئي ته واڪ ڏنل ساريون ڪارخانن ۾ لاهڻ جو واپارين کي پابند ڪري نه لاهڻ صورت ۾ لوڊ ٿيل سارين جي قيمت واپارين کان آبادگارن ۽ هارين کي ڏياري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن واپارين پاران واڪ ذريعي خريد ڪيل ساريون ٽريڪٽر ٽرالين تي کڻي آبادگار ۽ هاري مختلف ڪارخانن تي پهتا ته واپارين پاران ساريون لاهڻ کان انڪار ڪري کين ٻاهر ڪڍي رائيس ملن جا گيٽ بند ڪرائي ڇڏيا جنهن خلاف آبادگارن ۽ هارين سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون ڪارخانن سميت مختلف روڊن آڏو بيهاري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا.










