نيوزيلينڊ, ڀارت کي 36 سالن بعد ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

نيوزيلينڊ, ڀارت کي 36 سالن بعد ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڀارت کي 3 ميچز جي ٽيسٽ سيريز ۾ هوم گرائونڊ تي 24 سالن بعد وائيٽ واش ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي. ٽئين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڀارتي ٽيم کي 25 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. آخري ڀيرو ٻن ميچز جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا 2000 ۾ ڀارت کي وائيٽ واش ڪيو هو. ڀارت جي آسٽريليا سان 5 ميچز جي سيريز کان اڳ تاريخي شڪست ڀارت جي بهترين بيٽنگ لائين لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. رشاڀ پنٽ واحد بيٽسمين هو جيڪو 64 رنسون ٺاهي نمايا رهيو. نيوزيلينڊ جي اعجاز پٽيل 57 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون. ان کان اڳ نيوزيلينڊ 9 وڪيٽن تي 171 رنز جي ٻئي اننگ شروع ڪئي ته ڀارت صرف 14 بالن تي کين آل ئوٽ ڪيو، جديجا 5 وڪيٽون ورتيون. شبنم گل جنهن پهرين اننگ ۾ 90 رنز ٺاهيون هيون ٻئي اننگ م ڪوهلي جيان هڪ رن تي آئوٽ ٿيو. پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت کي بنگلورو ۾ نيوزيلينڊ 36 سالن م پهريون ڀيرو شڪست ڏئي پهرين ٽيسٽ کٽي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو