اسلام آباد(بيورورپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 5 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي. جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 5 نومبر تي 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اجلاس جي صدارت ڪندو.26هين آئيني ترميم ۽ جڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ کانپوءِ هي پهريون اجلاس هوندو،اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽريٽ جي قيام تي غور ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچن لاءِ ججن جي نامزدگي تي به غور ڪيو ويندو،اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس امين الدين شرڪت ڪندا. وفاقي وزير قانون نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو اختر حسين، پيپلز پارٽي جو سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، مسلم ليگ ن جو شيخ آفتاب احمد، تحريڪ انصاف جو عمر ايوب ۽ شبلي فراز به شرڪت ڪندا. پڻ حصو وٺندا. اجلاس ۾ عورت ميمبر روشن خورشيد به شرڪت ڪندي. ميمبر ڪميشن اختر حسين ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته کيس ڪميشن جي اجلاس جي ايجنڊا جي خبر ناهي، اجلاس بابت رڳو ڪال آئي آهي.










