شھدادڪوٽ ۾ ٽانڪي ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت

شھدادڪوٽ ۾ ٽانڪي ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت

شھدادڪوٽ (ن س )شھدادڪوٽ ڀرسان ٽئنڪر جي ٽانڪي ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ٽيڪسٽائل مل وٽ ٽئنڪر جي ٽانڪي تبديل ڪرڻ دوران ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شمس الدين مگسي ۽ ياسر پٺاڻ فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو شاهجهان مگسي سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمي کي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي شاهجهان مگسي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. زخمي شاهجهان مگسي فوتي شمس الدين مگسي جو پٽ آهي، حادثي ۾ پيءُ فوت ٿي ويو، جڏهن ته پٽ سخت زخمي ٿي پيو آهي…..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو