ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ 5 پئسا گهٽتائي ٿي وئي آهي.ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 5 پئسا گهٽتائي سان 277 رپيا 80 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پيسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو، جيڪو بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 45 پوائنٽن جي واڌ سان 89 هزار 12 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 88 هزار 966 پوائنٽس تي بند ٿيو.










