يحيٰ آفريدي 30هين چيف جسٽس طور حلف کڻڻ بعد عهدو سنڀالي ورتو

يحيٰ آفريدي 30هين چيف جسٽس طور حلف کڻڻ بعد عهدو سنڀالي ورتو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي ڇنڇر تي 30 هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور حلف کڻي ورتو.ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري کيس عهدي جو قسم کڻايو. هو ٽن سالن يعني 26 آڪٽوبر 2027 تائين سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس رهندو. حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن ۽ وڏن وزيرن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير به شرڪت ڪئي. فوج جي قيادت سميت ٻين شرڪت ڪئي، ياد رهي ته ڪالهه فائز عيسيٰ جي فل ڪورٽ ريفرنس ۾ جن ججن شرڪت نه ڪئي هئي انهن به حلف برداري ۾ شرڪت ڪئي. فل ڪورٽ ريفرنس ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله شريڪ نه ٿيا هئا پر هن تقريب ۾ موجود هئا. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ججن ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، سيد حسن اظهر رضوي ۽ شاهد وحيد شامل هئا. ان سان گڏ اڳوڻو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به ويٺل نظر آيو. واضح رهي ته پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس نامزد ڪيو هو، پي ٽي آءِ ج ميمبرن ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي پر گوهر خان سندس نامزدگي تي اعتراض به نه واريو هو ۽ نئين چيف جيف جسٽس کان اميد ظاهر ڪئي هئي ته هو عدليا ۾ تقسيم ختم ڪندو.

جسٽس يحيٰ آفريدي ڪير آهي؟
جسٽس يحيٰ آفريدي 23 جنوري 1965ع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پيدا ٿيو. هن جو اباڻو علائقو ڪوهاٽ جو ڳوٺ بابري بانڊا آهي ۽ سندس آفريدي قبيلي جي آدم خيل پاڙي سان تعلق آهي. هن ابتدائي تعليم ايچيسن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي، گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان ۽ ايم اي اقتصاديات ۾ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان حاصل ڪئي. هن ڪامن ويلٿ اسڪالر شپ تي جيسس ڪاليج ڪيمبرج يونيورسٽي مان ايل ايل ايم جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. جسٽس يحيٰ آفريدي 1990ع ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل طور پريڪٽس شروع ڪئي ۽ 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل طور پريڪٽس شروع ڪئي. هن خيبرپختونخواهه جي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. 2010ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ٿيو، کيس 15 مارچ 2012ع تي مستقل جج طور مقرر ڪيو ويو.30 ڊسمبر 2016ع تي جسٽس يحيٰ آفريدي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کنيو.کيس 28 جون 2018ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ڪيو ويو.جسٽس يحيٰ آفريدي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. هو سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ لارجر بينچ جو حصو هو، هن ڪيس جي فيصلي ۾ اختلافي نوٽ به لکيو. هو خيبر لا ڪاليج ۾ پڙهائيندو به رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو