پنڊي ٽيسٽ،انگلينڊ پاران پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 36 رنسن جو ٽارگيٽ

پنڊي ٽيسٽ،انگلينڊ پاران پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 36 رنسن جو ٽارگيٽ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني اسپنرز جي شاندار بالنگ سبب انگلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ اڌ ٽيم 70 رنسن تي پولي واپس ٿي وئي آهي.پنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ پنهنجي ٻي اننگز 24 رنسون 3 وڪيٽن سان شروع ڪئي، جو روٽ 5 ۽ هيري بروڪ 3 رنسون ٺاهي وڪيٽ تي موجود هئا، پر نعمان علي پهريان هيري بروڪ کي 26 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ڪيو ۽ پوءِ ڪپتان بين اسٽوڪس کي به 3 رنسون ٺاهي پويلين موڪليو ويو.ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي، پهرين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي 156 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو