اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين سينيٽ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته پارليامين جو ڪم پنهنجي ميمبرن جي خلاف مجرماڻه ڪيس داخل ڪرائڻ ناهي، هن پنهنجي بيان ۾چيوته اختر مينگل کي دهشتگردي روڪٿام ايڪٽ جي تحت ايف آئي آر داخل ٿيڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هن ڪوڙي ايف آئي آر ۾ ڪو به ڪردار نه هجڻ گهرجي ها، هن چيو ته ان کان اڳ به اختر مينگل جي رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو هو، حڪومت کي سياسي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته بلوچستان ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، قومي سياسي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي.










