قيدي وينز تي حملو ڪندڙ 4 جوابدارن سميت فرار ٿيل سڀ قيدي گرفتار

قيدي وينز تي حملو ڪندڙ 4 جوابدارن سميت فرار ٿيل سڀ قيدي گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو آهي ته قيدين جي گاڏين تي حملي ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن ۾ هڪ ايم پي اي جو پٽ، هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فرار ٿيل ٻن ايم پي ايز سميت سڀني قيدين کي گرفتار ڪري اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽن قيدي گاڏين تي سنگ جاني ٽول پلازه تي جوابدارن فائرنگ ڪئي. حملا آورن وٽ هٿيار، ڏنڊا ۽ پٿر هئا. پوليس موجب ڊي چوڪ تي احتجاج ڪندڙ 82 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد 3 قيدي گاڏين ۾ اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته ٽول پلازا وٽ 4 ڊالن ۾ اڳ ۾ ئي موجود حملا آورن فائرنگ ڪئي. حملي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽي ايم پي ايز انور زيب، لياقت ۽ ياسر قريشي سميت ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڪي پي حڪومت جا سرڪاري ملازم ۽ پوليس اهلڪار به موجود هئا، جيڪي احتجاج وقت گرفتار ڪيا ويا هئا. .پوليس جو چوڻ آهي ته قيدين جي وين جڏهن سنگ جاني ٽول پلازه وٽ پهتي ته اتي اڳ ئي موجود جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، حملي ۾ جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ قيدين جي وين جا ٽائر به ڦاڙي ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب پوليس ايم پي اي جي پٽ سميت فرار ٿيل ڪيترن ئي جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي. آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ٻڌايو ته ٽن جيل وين ۾ 82 جوابدار هئا، جن کي پيشي کان پوءِ اٽڪ جيل منتقل ڪيو پيو وڃي. سنگجاني ٽول پلازه ويجهو قيدين جي وين تي اڻڄاتل جوابدارن حملو ڪيو، حملي بعد ڪي قيدي وين مان فرار ٿي ويا. هن چيو ته فرار ٿيل سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن کي اسلام آباد منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ پوليس قيدين کي فرار ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. آءِ جي اسلام آباد چيو ته فرار ٿيلن ۾ 2 ايم پي اي به شامل آهن، جن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. حملي آورن جو انگ 18 کان 20 هو، جن ۾ ايم پي اي جو پٽ به شامل هو، پوليس 4 حملي آورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو