لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ فضائي آلودگي سبب اسڪول کولڻ جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسڪول صبح 8:45 وڳي کُليندا، نوان اسڪول کولڻ جو وقت 28 آڪٽوبر کان 31 جنوري 2025 تائين هوندو.نوٽيفڪيشن موجب ٻارن جي گڏجاڻي ڪلاس روم ۾ ٿيندي ۽ آئوٽ ڊور سرگرميون معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.لاهور ۾ 31 جنوري 2025 تائين هر قسم جي آتش بازي تي سخت پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سموگ کان بچڻ لاءِ ماڻهو ماسڪ پائڻ ۽ ٻيا حفاظتي اپاءَ وٺن، گهرن جا در ۽ دروازا بند رکن ۽ کليل هنڌن تي گهڻو وقت نه رهن.










