ڏهرڪي (قادر خان جٽ) داد لغاري روڊ جا رهواسي سڳا ڀائر هڪ ٻئي جي جان جا ويري بڻجي ويا، زمين جي مالڪي تان پوليس اهلڪار عبدالفتح لغاري پنهنجي ڀاءُ عبدالجبار ۽ عبدالحميد لغاري مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس گهر ۾ گهڙي ٻارن مٿان تشدد ڪيو ويو. اهڙي عمل خلاف ڀائر عبدالجبار، عبدالحميد ۽ ڀاڄائي وزيران صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ملڪيت جا حصا سڀني ڀائرن کي برابري جي بنياد تي ڏنا ويا آهن پر پوليس اهلڪار عبدالفتاح اسان جي حصي جي ڏنل زمين تي به قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پوليس جي چڙهائي ڪري چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر گهڙي قيمتي سامان سميت ٻين سامانن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ مون مٿان تشدد ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا. عبدالجبار جو چوڻ آهي ته منهنجون 4 نياڻيون آهن جنهن جي سزا ڏني پئي وڃي، پوليس اهلڪار منهنجي نياڻين کي اسڪول اندر اچي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ھوڏانھن پوليس اهلڪار عبدالفتح لغاري سان رابطو ڪيو ويو مگر هو آفيس ۾ اچڻ جو چئي اچڻ کان لنوائيندو رهيو. متاثرن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آئي جي سکر ۽ آئي جي سنڌ کان پوليس اهلڪار عبدالفتح لغاري خلاف نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري سندس انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










