اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ ٺهيل ريسٽورنٽ جي نظرثاني درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ريسٽورنٽ جي نظرثاني درخواستن کي رد ڪندي نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو.فيصلي ۾ عدالت نيشنل پارڪ ۾ قائم ريسٽورنٽ جي حق ۾ ڏنل آبزرويشن به واپس وٺي ڇڏي، جنهن ۾ عدالت رمارڪس ڏنا ته ريسٽورنٽ کي ٻي جاءِ تي ليز تي ڏيڻ وقت ان کي اوليت ڏني وڃي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل پارڪ جي علائقي ۾ ٺاهيل ريسٽورنٽ رضاڪارانه طور تي 3 مهينن ۾ بند ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، عدالت ۾ يقين ڏيارڻ باوجود ريفرنس داخل ڪرڻ عدالت جي توهين ۽ مذاق آهي.عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته اهي ريسٽورنٽ ٻين علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي ليز تي ڏنا وڃن، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.










