اسلام آباد (بيورو) ذريعن موجب پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا فيس بڪ، واٽس اپ، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽ فارمن تي حفاظتي فائر وال جو ٻيو ۽ آخري ڪامياب تجربو گذريل رات دير سان مڪمل ڪيو ويو.ان حوالي سان جي آءِ ٽي وزارت ۽ پي ٽي اي جا عملدار خاموش آهن ۽ سندن طرفان ڪا به تصديق يا ترديد ناهي ٿي.آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ سينيئر آفيسر جو چوڻ هو ته اهو معاملو پي ٽي اي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته پي ٽي اي جي اعليٰ عملدارن رابطو ڪرڻ تي ڪو به جواب نه ڏنو.ٻئي طرف سڄي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروس مسلسل معطل آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موبائل ايپس ڏينهون ڏينهن متاثر ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڊائون لوڊنگ جي رفتار به انتهائي سست ٿي وئي آهي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ڪم ڪري رهي آهي پر ان جي اسپيڊ مسلسل گهٽ آهي، خاص ڪري ڊيٽا تي انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي رهي آهي.ماهرن موجب سست انٽرنيٽ جا ٽيڪنيڪل سبب آهن، سائبر معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيبل جو معيار، وڌندڙ ڊجيٽل ٽريفڪ ۽ موسمياتي تبديلي انٽرنيٽ سروس کي متاثر ڪري ٿي.ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته حفاظتي فائر وال جي ٻئي ڪامياب ٽيسٽ کانپوءِ سمورا سوشل ميڊيا معمول تي اچي ويندا ۽ سسٽم بحال ٿي ويندو.










