ڪاڇي: (ن س) ڪاڇي ۾ زمين جي مالڪيءَ تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان نوجوان قتل ٿي ويو، سندس ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو.فريد آباد ويجهو ٻوري واري علائقي ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان دلبر چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ سينگار چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا.اسپتال نيئندي نوجوان دلبر چانڊيو رستي ۾ دم ڏنو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.زخمي نوجوان سينگار چانڊيو کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.پوليس موجب واقعو ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










