اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.قرارداد جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته هي ايوان اسماعيل هنيه جي شهادت تي گڏيل قرارداد کڻي آيو آهي. مان قرارداد پاس ڪرڻ تي ايوان ۽ پارليامينٽ جي سمورن ميمبرن جو شڪر گذار آهيان.شهباز شريف چيو ته غزه ۾ 9 مهينن کان قتل عام جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جڏهن ته غزه ۾ اسپتالن، اسڪولن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي نشانو بڻايو ويو.وزيراعظم چيو ته ان قتل عام تي اکيون بند ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، هو اسماعيل هنيه شهيد جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ صهيوني رياست کي اهڙن ڏوهن جي سزا ملڻ گهرجي.










