اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جميعت علما اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ۽ عبدالغفور حيدري فلسطيني اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي مذمت ڪندي ايندڙ جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. مولانا چيو آهي ته اڄ قومي اسمبلي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ مذمتي قرارداد پيش ڪئي ويندي. ٻئي پاسي پي پي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته اسماعيل هنيه جي تهران ۾ قتل سان پوري خطي ۾ جنگ ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان ۽ شام جي صدر بشار الاسد به حملي جي مذمت ڪئي آهي. آمريڪا اڃا ڪو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو.










