ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته آءِ پي پيز جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معيشت صحتمند نٿي ٿي سگهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته آءِ پي پيز جي ٻن ٽن ڏينهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو امڪان آهي.هن چيو ته برسات ٿي رهي آهي ۽ نالن جي صفائي نه ٿي آهي، برساتن کان چار مهينا اڳ نالن جي صفائي شروع ٿي ويندي آهي، برساتن دوران ائين نه ٿيندو آهي.مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي بچائڻو آهي ته ڪراچي کي ان جو جائز حصو ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن مڪاني ادارن واري ترميم تي عمل نه ڪيو ويو ته ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪنوينشن ۾ لکين نوجوانن شرڪت ڪئي ۽ فائدو حاصل ڪيو، نوجوان نوڪريون ڏيڻ بدران نوڪريون ڏيندڙ بڻجي وڃن، پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن.هنن جو چوڻ هو ته سڄي دنيا اسان لاءِ بازار آهي ۽ هتي ويهي سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا، اسان کي دنيا سان ڳنڍڻو آهي، ڪوٽا سسٽم ختم نه ٿيندو ته ان طريقي سان ڪمائي وٺنداسين، پاڪستان جون حالتون ٺيڪ ناهن.










