لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي رانديگرن بابر اعظم، شاهين شاهه آفريدي ۽ محمد رضوان کي ڪينيڊا جي گلوبل ٽي 20 لاءِ اين او سي نه ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ڪينيڊين ليگ جي ڪنهن به سيريز ۾ ٽڪراءُ نه ٿيڻ باوجود ٽنهي رانديگرن کي اين او سي نه ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي پاليسي موجب سمورن فارميٽ جي رانديگرن کي اين او سي نه ڏنو ويندو، پي سي بي مصروف انٽرنيشنل شيڊيول سبب سمورن فارميٽ جي رانديگرن کي اين او سي ڏيڻ جي حق ۾ ناهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تازو ئي نسيم شاهه کي به آل فارميٽ رانديگر هجڻ سبب دي هينڊرڊ لاءِ اين او سي نه ملي هئي.ذريعن موجب گلوبل ٽي 20 ڪينيڊا کي اڃا تائين آءِ سي سي کان منظوري نه ملي آهي، ڪيترن ئي مسئلن سبب آءِ سي سي ليگ جي منظوري روڪي ڇڏي آهي










