صنم جاويد کي گهر وڃڻ جي اجازت، گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

صنم جاويد کي گهر وڃڻ جي اجازت، گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صنم جاويد کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ پوليس کي خميس تائين کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن ان دوران صنم جاويد هڪ لفظ به ڳالهايو ته عدالت پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيندي.رپورٽ موجب صنم جاويد جي والد ڌيءَ جي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي آڏو ٿي وڪيل بيرسٽر ميان علي اشفاق عدالت جي سامهون پيش ٿيا. صنم جاويد جي والد استدعا ڪئي ته ڌيءَ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ ۽ غير قانوني گرفتاري کان فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. هن پنهنجي موقف ۾ چيو ته صنم جاويد جي خلاف ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ ان جي خلاف داخل ڪيسن تي ڪارروائي کي به روڪيو وڃي.صنم جاويد جي والد درخواست ۾ وفاقي حڪومت، ايف آءِ اي، آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين کي ڌر بنائيندي صنم جاويد کي گرفتار ڪرڻ يا اغوا جي عمل کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي به استدعا ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صنم جاويد کي اسلام آباد کان ٻاهر کڻي وڃڻ کان روڪيندي خميس تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.عدالت صنم جاويد جي خلاف هڪ سال جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته صنم جاويد ان دوران هڪ به لفظ ڳالهايو ته عدالت پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيندي خميس تائين صنم جاويد اسلام آباد جي حدن مان ٻاهر نه وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو